بگو شير درگاهه

بگو شير درگاهه: بگي شير جو اصل نالو محمد مستقيم ولد شهيد محمد حسين هو . سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ ’چيچڙي‘ تعلقي پني عاقل ۾ آهي . هي هڪ وڏو عالم دين ۽ ڪامل ولي ٿي گذريو آهي ، سندس واسطا راشدي خاندان ، لوءِ صاحبان جي ساداتن ۽ کهڙن جي مخدوم عبدالخالق سان هئا . هن درگاهه ۾ سلطان حضرت سلطان دائم به ابدي آرامي آهن ، بگي شير جي گاديءَ تي نيرو لباس پائڻ جي رسم آهي . شڪارپور جي مشهور درگاهه جو ” ميان جامي “ سندس وڏو فرزند هو ، جنهن جون ڪيئي ڪرامتون علائقي ۾ مشهور آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو